حاجب رام

حاجب رام: ڪتاب ’فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه‘ ۾ علي ڪوفي ڄاڻائي ٿو ته: ”حاجب رام وڏو داناءُ، عالم شخص هو. هي پنهنجي قابليت سان راءِ گهراڻي جي خاص ماڻهن ۾ شامل ٿيو. راءِ سهاسيءَ حاجب رام کي ’وڏو وزير‘ مقرر ڪيو. راءِ سهاسيءَ جي وقت ۾ بادشاهي فرمانن ۾ سندس صلاح کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي. هن جي حڪم ۾ ڪنهن به وزير يا امير کي هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه هئي. خط وڪتابت، فرمان ۽ پروانا پڻ هن جي کاتي ۾ هئا. راءِ سهاسيءَ کي هن تي وڏو ڀروسو هوندو هو. سندس زال راڻي سونهن ديوي، حاجب رام کي پنهنجي پيءُ جي درجي جي عزت ڏيندي هئي.
حاجب رام وٽ چچ بن سيلائج ملازمت جو سوال کڻي آيو. جنهن چچ جي ذهانت کي مدنظر رکندي کيس پاڻ وٽ رکيو. چچ جي ڏينهن رات محنت کي ڏسندي حاجب رام هن کي جلد ’ديوان رسائل‘ (وزير مراسلات) جي عهدي تي فائز ڪيو. حاجب رام وڏي عمر ۾40هه/ 660ع ۾ وفات ڪئي. سندس مرڻ کانپوءِ سندس جاءِ تي چچ بن سيلائج کي مقرر ڪيو ويو.“
حاجن حبدار: سگهڙ ۽ شاعر حاجن حبدار ولد احمد لوهر 1944ع ڌاري تاريخي ماڳ پنهواري، ضلعي سکر ۾ ڄائو، لوهارڪي پيشي سان واسطو اٿس. غوثل ميراڻيءَ جي رهنمائيءَ ۽ مٺل نوراجائيءَ جي سنگت ۾ شاعري شروع ڪيائين. سندس شاعريءَ جا چار مجموعا: (1) ’وري انڪار‘، (2) ’وري اقرار‘، (3) ’زلفن جي زنجير‘ ۽ (4) سور پچار‘ ۽ نظماڻي نثر جو هڪ ڪتاب ’زور جي ميندي‘ ڇپيو آهي. حاجن حبدار جا مولود اڪثر مکڻو فقير مهر ۽ عبدالرحيم عزمي ريڊيي توڙي ٽي. وي تي ڳائيندا رهيا آهن. هن وقت تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ نوراجه ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حاجب رامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو